تاريخ سنڌ 12

تاريخ سنڌ 12 (ڪتاب ):مشهور تاريخدان ۽ عالم مولوي عبدالحليم شرر (1926-1860ع) جو هيءُ ڪتاب اردوءَ ۾ سنڌ جي تاريخ تي لکيل پهريون ڪتاب آهي. هن جامع ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي تاريخ تي اشوڪ اعظم ۽ چندر گپت کان وٺي قرامطه دور تائين جو تفصيلي احوال موجود آهي مولانا عبدالحليم شرر سنڌ جي تاريخ سڀ کان اول ٻن جلدن ۾ ڇپائي. ”تاريخ سندهه“ جلد اول، 1907ع ۾ دلگداز پريس لکنوء مان ڇپيو، جنهن ۾ ڪل 12 باب هئا. ”تاريخ سندهه“ جلد ٻيو 1909ع ۾ اختر دکن پريس مان ڇپجي ”دلگداز لکنوء جي دفتر مان پڌرو ٿيو، هن جلد ۾ ڪل ڏهه باب هئا. مولوي شرر جي ٻنهي جلدن کي گڏي سٽي بڪ پوائنٽ ڪراچيءَ 2004ع ۾ هي ڪتاب وري شايع ڪيو. سنڌ بابت هن اهم تاريخي ڪتاب کي اشرف سميسنڌ جي تاريخ“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو آهي، جنهن کي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پهريون ڀيرو ڊسمبر 2005ع ۾ ڇپايو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو جنوري 2007ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن جي قيمت 200 رپيا رکيل آهي، هن سنڌي ترجمي موجب پهرئين حصي ۾ 12 باب شامل آهن، جن ۾ آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌ جي جاگرافي، سنڌ جي قديم تاريخ، هندستان تي آڳاٽن ڌارين حملن، اروڙ، سنڌ جي هندو سلطنت جي آخري دور، خلاف آل مروان (فتوحات سنڌ)، محمد بن قاسم جي فتحن، ڏاهر جي پٽ جئسينه ۽ محمد بن قاسم ۽ محمد بن قاسم جي انجام جو ذڪر آهي، ٻئي ڀاڱي جي ڏهن بابن ۾ محمد بن قاسم کان پوءِ سنڌ جي حالت، بنو اميه جي باقي دور، عباسي دور جي ابتدا، هارون الرشيد کان مامون جي آخري دور، سنڌ ۾ عباسين جي آخري اثر، عربي نسل ۽ خودمختيار سلطنت سنڌ، اسماعيلي شيعن، قرامطه وغيره جو ذڪر آهي. (وڌيڪ ڏسو: سنڌ جي تاريخ مولانا عبدالحليم شرر سنڌي ڇاپو)


هن صفحي کي شيئر ڪريو